ٽانوري محمد عثمان

ٽانوري، محمد عثمان: مشهور ليکڪ ۽ صحافي محمد عثمان ٽانوريءَ 1948ع ڌاري ڳوٺ حاجي داد محمد ٽانوري، تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان، وڌيڪ تعليم تنگواڻي ۽ ڪنڌڪوٽ جي اسڪولن مان حاصل ڪيائين. ننڍپڻ کان صحافت ۽ ادب ڏانهن لاڙو ٿيس. 1965ع کان روزاني ”الوحيد“ جي نمائندي طور ڪراچيءَ ۾ صحافت جو آغاز ڪيائين. بيباڪيءَ سان سنڌ جي مسئلن تي لکندو رهيو. 1968ع ۾ هفتيوار ’صفدر‘ ڪنڌڪوٽ جو ايڊيٽر ٿيو. 1971ع ۾ سنڌي ٻوليءَ واري تحريڪ دوران جيل ۾ به رهيو. محمد عثمان ٽانوريءَ 1985ع ۾ ’سنڌ سدا بهار‘ نالي رسالو جاري ڪيو، جنهن دوران خاص شمارا ’تنگواڻي‘ نمبر، ’مهراڻ‘ نمبر ۽ ’پريت پراڻي ريت نرالي‘ جاري ڪيائين. هن 1988ع ۾ هفتيوار اخبار ’شهمير‘ جاري ڪئي، جنهن ۾ ڪنڌڪوٽ ۽ آسپاس جي مسئلن کي اجاگر ڪيائين. هو روزاني ’امن‘،’انتخاب‘، اخبار ۽ ايجنسي ’اين اين آءِ‘ ۽ ’پي پي آءِ‘ جو عيوضي به رهيو. 1995ع ۾ هن روزاني ’قيادت‘ ۽ روزاني ’پاڪ نيوز‘ جي چيف ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. هن روزاني ’فرياد سنڌ‘ ۽ هفتيوار ’الک‘ جي ڊڪليئريشن وٺي ٻئي اخبارون جاري ڪيون، محمد عثمان ٽانوري ڪنڌڪوٽ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو